خانبهادر ميان علي بخش

خانبهادر ميان علي بخش: خانبهادر ميان علي بخش ولد ميان محمد حسين 1864ع ۾ ڄائو. هن جي خاندان جو تعلق حيدرآباد دکن سان هو، هن هاءِ اسڪول شڪارپور مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جي شروعات شڪارپور ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر چونڊجڻ جي حيثيت سان ڪئي. اندازاً پنجاهه سالن تائين شڪارپور ميونسپل ڪاميٽيءَ جو هيءُ صدر، نائب صدر ۽ ميمبر رهيو.
هيءُ 1919ع ۾ هندوستان جي ڪائونسل آف اسٽيٽ ۾ سنڌ جي مسلمانن جي واحد نمائندي جي طور منتخب ٿي ويو ۽ هندوستان جي ورهاڱي تائين ان جو ميمبر رهيو، هميشه مسلمانن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. سندس ڪوشش سان سنڌي مسلمانن کي سرڪاري نوڪرين ۾ چڱو خاصو حصو ملڻ لڳو. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ برطانيه سرڪار 1935ع ۾ کيس ’خانبهادر‘ جو خطاب ڏنو ۽ سن 1939ع ۾ کيس جارج ڇهين طرفان ’سي. بي. اي‘ جو خطاب به مليو.
هن 85 ورهين جي ڄمار ۾ 21 ڊسمبر 1949ع تي وفات ڪئي.


لفظ خانبهادر ميان علي بخشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو